سردار خان شر واري مسجد

سردار خان شر واري مسجد

سردار خان شر واري مسجد

سردار خان شر واري مسجد: هيءَ مسجد تعلقي ٺري ميرواهه، ضلعي خيرپورميرس جي ڳوٺ سردار خان شر ۾ موجود آهي. مسجد ڪچين سرن سان تعمير ٿيل آهي. مسجد جون ديوارون ۽ گنبذ گاري سان لتل آهن. مسجد قديم معلوم ٿئي ٿي. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت هن جي ڪيترا ڀيرا مرمت ڪرائي آهي. مسجد هڪ هجري تي مشتمل آهي، جنهن کي اڳياڙيءَ ۾ احاطو ڏنل اڱڻ آهي. احاطي واري ديوار پڻ ڪچي اٿس، جنهن تي نڀڙيون ٺاهيل آهن. احاطي واري ديوار کي هڪ ئي لنگهه آهي، جنهن ۾ تاڪين سان در هنيو ويو آهي. مسجد جي مهاڙيءَ ۾ ٽي طاقچا آهن، جن مان وچ وارو طاقچو وڏو آهي، جيڪو ٻيڙٻني تي پڄي تاج ٺاهي ٿو. وچ واري طاقچي ۾ ونگائين لنگهه چوڪاٺي سان در نصب ڪيل آهي. ان جي مٿان وري باقي ٻنهي پاسن وارن طاقچن ۾ ڇڏيل نمائشي درين جا سانچا ٺاهيل آهن. مسجد جي مهاڙيءَ ۾ ٻنهي پاسن کان ٿنڀڙيون انهن تي چن سان لتل ڪوڻيءَ جي گل جي نموني واريون برجيون اڀيون ڪري هنيل اهن. وچ واري تاج تي پڻ پاسن وارن ٿنڀڙين ۽ برجين واري نموني جون وٿون رٿيل آهن. مسجد جي مهاڙي توڙي ٻنهي پاسن واري ٻيڙٻني تي بٺيءَ جي طرز جون ٿنڀڙيون قطار ۾ آهن، جيڪي عمارتي زيب وڌائين ٿيون. مسجد جي هجري جي ڇت تي اٺڪنڊو ڳچ ٺاهي ان تي گنبذ رکيو ويو آهي. گنبذ تي ابتي ڪوڻيءَ جي گل تي نيل رکيل آهي. گنبذ کي گاري جي ليپي مٿان چن جون پلستر ڪيل آهي، جيڪو ڪافي هنڌن تان ڇڻي ويو آهي. مسجد جي ڏاکڻين پاسي واري هجري جي دويار مان هوا جي گذر لاءِ هڪ دري کُلي ٿي. مسجد جي ڀتين کي مرمت ڪندي ڳوٺاڻا مٽيءَ جي گاري جو ليپو ڏيندا رهن ٿا.
مسجد هن وقت به استعمال هيٺ آهي، جنهن ۾ نمازي نماز ادا ڪندا آهن. ديوارون ڪلر جي کائي وڃڻ سبب ڪجهه قدر متاثر آهن. مسجد جي چوگرد زرعي زمينون ڳوٺ جي اوطاق ۽ گهر وغيره آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو